جروار محمد رفيق

جروار محمد رفيق

جروار محمد رفيق

جروار، محمد رفيق: اڳوڻو شاگرد اڳواڻ، سياسي ڪارڪن ۽ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن جو موجوده مرڪزي صدر، محمد رفيق جروار، 14 آگسٽ 1955ع تي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ داد جروار ۾ ڄائو. سياسي سفر جي شروعات هن 1969ع کان ڪئي، جڏهن نامور سياسي اڳواڻن: قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ ۽ لالا عبدالقادر سان گڏجي ون يونٽ جي خاتمي ۽ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ ۾ حصو ورتائين. گرفتار به ٿيو ۽ 20 ڏينهن جيل ڪاٽيائين. بعد ۾ هو ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر بڻيو ۽ ڪجهه وقت شهيد نذير عباسيءَ سان گڏ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (DSF) ۾ به ڪارڪن طور ڪم ڪيائين. ان بعد هن سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪامريڊ عثمان لغاريءَ وارن سان سرگرم ڪارڪن طور ڪم ڪيو.
رفيق جروار، 30 مئي 1977ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو. سيـاسـي شعـور هئـڻ سبـب استـادن جـي حـقـن لاءِ جـاکـوڙيــنـدڙ تنظيم ’آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن‘ ۾ شامل ٿيو. پهريائين ان جو تعلقي ٽنڊي الهيار ۽ پوءِ حيدرآباد ضلعي ۽ ڊويزن حيدرآباد جو صدر پڻ رهيو. هن وقت پ. ٽ. الف سنڌ جو سرگرم صدر آهي. ان کان سواءِ’متحده اساتذه محاذ، پاڪستان‘ جو چيئرمئن پڻ آهي. هن استادن جي مسئلن جي حل لاءِ بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان جدوجهد هلائي آهي ۽ سندس استاد طبقي ۾ تمام سٺي عزت آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو